SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پُرامن راهداري


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پُرامن راهداري

Innocent Passage

اِنوسينٽ پئسيج

گڏيل قومن طرفان سال 1982ع تحت سامونڊي قانون بابت سڏايل ڪنوينشن جي آرٽيڪل 19 موجب ، ڪنهن به هڪ مُلڪ جي سامونڊي جهاز کي پُرامن مقصدن لاءِ ٻئي مُلڪ جي سامونڊي حدن منجهان لنگهڻ جي مليل حق کي ”پُرامن راهداري“ چئجي ٿو. ان حق ۾ سامونڊي ڪناري تي بيهڻ ۽ لنگرانداز ٿيڻ به شامل آهن، پر شرط اهو آهي ته ائين ڪندي جهاز کي ڪو اڻ ٽر مسئلو يا مجبوري درپيش هُجي. بين الاقوامي قانون موجب ”پُرامن راهداري“ جو دائرو 12 ميلن تائين هوندو آهي ۽ ان دائري ۾ ڪو به جنگي جهاز لنگهي سگهندو آهي. پر ڪي مُلڪ انهيءَ لاءِ به کانئن اجازت گهرڻ جو شرط رکندا آهن، جيڪو حق کين بين الاقوامي قانون تحت مليل هوندو آهي. اڳوڻي سوويت يونين پنهنجي سامونڊي حدن اندر اهو شرط لاڳو ڪيو هُو. ان کان علاوه بين الاقوامي قانون موجب هر جنگي سامونڊي جهاز لاءِ لازم ڪيو ويو آهي ته اُهو لاڳاپيل مُلڪ جي علائقي مان لنگهندي، اُن مُلڪ جي قانونن جو به احترام ڪري. ٽوٻائو جهازن (Submarines) لاءِ به شرط آهي ته اُهي ٻئي مُلڪ جي حدن کي پار ڪندي، پاڻيءَ اندر هُجڻ بجاءِ سامونڊي سطح تي نروار ٿي سفر ڪن ۽ پنهنجي مُلڪ جي جهنڊي کي واضح طور ڦڙڪائين. ان شرط هوندي به ٽوٻائو جهازن جي سرگرمين کي ڏسڻ لاءِ گهربل فني سهولتون نه هُجڻ ڪري ڪِن مُلڪن لاءِ ڏُکيو ٿي پوندو آهي ته اهڙن جهازن جي چُرپر جا اصل مقصد معلوم ڪري سگهن. انهيءَ سلسلي ۾ 1982ع جو ڪنووينشن پڻ مُنجهيل آهي. سوويت يونين جي جهازن طرفان اهڙين سرگرمين تي سويڊن ۽ ناروي اڪثر اعتراض ڪندا رهيا. بين الاقوامي قانون تحت اِن قسم جي راهداريءَ لاءِ هيٺيان شرط پُورا ڪرڻ ضروري آهن.
(1) مقصد پُر امن هجي.
(2) فوجي سامونڊي جهاز جون سرگرميون اڳواٽ ڄاڻايل هُجن.
(3) سهوليت گهرندڙ جهاز ماحولياتي، تحقيقي ۽ سامونڊي جيوت جي حفاظت لاءِ جوڙيل قاعدن جي ڀڃڪڙي نه ڪري


Remember Me Also:

ڻ

ڻ

ث . سنڌي الف ب جو اٺيتاليهون اکر، (جنهن جو اُچار ڄِڀ کي مٿئين تارونءَ سان ملائي ڪيو وڃي).

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal